| ڊسٽرڪٽ
انفارميشن
آفيس خيرپور |
|
: خيرپور فيبروري 06 ،2012
پيپلز پارٽي جي ايم پي اي پير سيد محمد بچل شاهه چيو آهي ته موجوده حڪومت پاران ملڪ توڙي صوبي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن جڏهن ته راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مختلف قدم کنيا پيا وڃن هن اهڙو اظهار خيرپور ڀرسان ڳوٺ مبارڪ علي ورڪ ۾ راندين جي صوبائي سيڪريٽري شعيب احمد صديقي جي خاص هدايتن تي سنڌ اسپورٽس بورڊ پاران شهيد بينظير ڀٽو ڪوڏي ڪوڏي ٽورنامينٽ ۾ انعامن ورهائڻ واري تقريب کي مهمان خاص جي حيثيت ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ايم پي اي پير محمد بچل شاهه چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت عوام جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ مختلف ڪوششون وٺي رهي آهي جڏهن ته تعليم ، صحت ۽ روزگار لاءِ بهتر قدم کڻي عوام جي خدمت ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي راندين واري شعبي پاران سنڌ جي ثقافتي رانديون ملاکڙو، ڪوڏي ڪوڏي (ڪٻڊي) ، ونجهه وٽي سميت ڪرڪيٽ ۽ ٻين رانديون منعقد ڪرائي عوام کي تفريح جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي ڊي او اسپورٽس مير محمد ڪلهوڙو ، انچارج ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن خيرپور صاحب خان ڀنڊ، ايڊوڪيٽ حفيظ الله چانڊيو، اعجاز جکڙ ٻين مهمانن ڪوڏي ڪوڏي راند جي مقابلن جي انعامن ورهائڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته راند ۾ ضلعي جي چئن مختلف ٽيمن حصو ورتو ۽ فائنل مقابلو سوڀوديرو ۽ خيرپور جي ٽيمن وچ ۾ ٿيو جنهن ۾ سخت مقابلي کانپوءِ خيرپور جي ٽيم راند کٽي ورتي. ان موقعي تي انعامن ورهائڻ واري تقريب ۾ خطاب کانپوءِ ايم پي اي پير سيد محمد بچل شاهه فاتح ٽيم کي سنڌ حڪومت جي راندين واري کاتي پاران ونر ڪپ ٽرافي ۽ 15 هزار روڪ رقم ۽ هارائيندڙ ٽيم کي رنر ڪپ ٽرافي ۽ 10 هزار روڪ رقم جا انعام ڏنا. علائقي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ سوين ماڻهن شهيد بينظير ڀٽو ڪوڏي ڪوڏي ٽورنامينٽ جي مختلف مقابلن مان لطف اندوز ٿيا ـ |